سيتائي، آخوند محمد موسيٰ ڀٽي

سيتائي، آخوند محمد موسيٰ ڀٽي

آخوند محمد موسيٰ ڀٽي سيتائي

آخوند محمد موسيٰ ڀٽي سيتائي: آخوند محمد موسيٰ ڀٽي ولد آخوند مولانا الهه بخش ڀٽي، سيتا ڳوٺ ۾، 15 اپريل 1907ع تي جنم ورتو، کيس ننڍپڻ ۾ پنهنجي خانداني مدرسي ۾ آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائيءَ وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، جتي کيس قرآن، تفسير ۽ حديث جا درس ڏنا ويا ۽ ان سان گڏ فارسيءَ ۾: ڪريما، گلستان ۽ بوستان پڻ پڙهايا ويا. جوانيءَ ۾ سندس اک اڙجي وئي، جنهنڪري ديني علمن: عربي ۽ فارسي جي تعليم اڌ ۾ ڇڏيائين ۽ وڌيڪ پڙهڻ کان نابري واري ڇڏيائين، والدين ۽ خاندان جي وڏڙن مٿس زور ڀريو، پر پاڻ مزدوري ڪري پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندو رهيو ۽ شاعري شروع ڪيائين ۽ سوز ڀريون ۽ درد انگيز ڪافيون ٺاهيائين. کيس پنهنجي وڏڙن پنهنجي خانداني مدرسي جو مدرس، معلم ۽ آخوند ڏسڻ پئي چاهيو، نيٺ وڏڙن کيس شاديءَ لاءِ اماده ڪيو ۽ پنهنجي ئي خاندان مان آخوند محمد صالح ڀٽيءَ جي پڙهيل لکيل نياڻي عظيمه بتول سان شادي ڪرائي وئي جيڪا سگهڙ، سياڻي ۽ نيڪ سيرت خاتون هئي. هن خاتون ساڻس ڏک سور ۾ خوب نڀايو ۽ اڳتي هلي آماده ڪيو ته هو پنهنجي اڌ ۾ ڇڏيل ديني تعليم مڪمل ڪري. هيءَ خاتون گهريلو هنرن ۾ قابل هئي، هن پورهيو ڪري ڀرت، رليون، هار، سڳيون، اڳٺ، ٽوپيون ۽ موڙ ٺاهي گهرو خرچ جو پورائو ڪيو ۽ کيس ان قابل بڻايو ته هو ٻئي فڪر کان آزاد ٿي، رهيل تعليم مڪمل ڪري، پنهنجي ان وفادار ۽ نيڪ سيرت زال جي چوڻ تي هن نئين سر تعليم جو آغاز ڪيو ۽ ان وقت مدرسي جي نائب معلم آخوند محمد دائود ڀٽيءَ وٽ پڙهڻ شروع ڪيو، جنهن وٽان عربيءَ ۽ فارسيءَ جو نحوَ ۽ صرف، تفسير ۾ فوز الڪبير، تفسير جلالين ۽ تفسير بيضاويءَ جا درس پڙهي مڪمل ڪيا ۽ فقھ ۾ هدايھ، سراجي، قدوري ۽ ڪنز الدقائق پڙهي پورا ڪيا، جنهن تي سندس والدين خوشيءَ جو اظهار ڪيو. ترت پنهنجي علمي زندگيءَ ۾ اچي هڪ برک عالم، انسان دوست ۽ علم دوست بڻجي ويو. سال 1937ع ۾ سندس سُهري آخوند محمد صالح ڀٽي ۽ هڪ سال بعد يعني 1938ع ۾ سندس والد آخوند مولانا الهه بخش ڀٽيءَ به وفات ڪئي ۽ سمورو بار سندس ڪلهن تي اچي ڪڙڪيو. سال 1949ع ۾ سندس گهر واري به گذاري وئي. 1973ع ۾ آخوند محمد دائود ڀٽيءَ جي وفات کان پوءِ انهيءَ مسجد جو پيش امام ۽ ڀٽين جي مدرسي جو معلم بڻيو ۽ اهي ديني ۽ علمي خدمتون آخري دم تائين سر انجام ڏنائين. وٽس وڏڙن جو ڪتبخانو هو، جنهن ۾ عربيءَ ۽ فارسي ڪتابن جوڳيل ذخيرو هو. هن 81 سالن جي ڄمار ۾، 15 مارچ 1988ع مطابق 26 رجب المرجب 1408هه تي وفات ڪئي. رحلت وقت پوئتي پنج پٽ ۽ چار نياڻيون ڇڏيائين. سندس پهرين گهر واريءَ مان بشير سيتائي، سنڌ جو ناميارو شاعر ۽ اديب آهي. آخوند محمد موسيٰ ڀٽي، درس و تدريس جي مصروفيت سبب پنهنجي ڪا علمي ادبي تصنيف نه ڇڏي البت سندس سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون، جن جو تعداد هڪ سؤ کن ٿيندو، محفوظ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1907.04.15  عيسوي

آخوند محمد موسيٰ ڀٽي ولد آخوند مولانا الهه بخش ڀٽي، سيتا ڳوٺ ۾، 15 اپريل 1907ع تي جنم ورتو.


1988.03.15  عيسوي

آخوند محمد موسيٰ ڀٽي 15 مارچ 1988ع مطابق 26 رجب المرجب 1408هه تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد امير محمد شاهه
عبدالستار قادري نقشبندي
اصطخرِي
حماد الله هاليجوي
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
سيد محمد شاهه
قاضي محمدعلي ڏيٿو مٽياروي
ايل وي پرانچبي
عبدالڪريم لغاري مولانا
شيخ عبدالشڪور
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون